خليفو غلام الله

خليفو غلام الله: مشهور شاعر خليفو غلام الله ڪلهوڙو، ڳوٺ چودريءَ، تعلقي وارهه، ضلعي قمبر- شهدادڪوٽ جو ويٺل هو. 110 سالن جي ڄمار ۾ سيپٽمبر 1956ع ۾ وفات ڪيائين. فارسي زبان تي ڪافي دسترس هئس. سندس ٻه منظوم ڪتاب ‘نقش سليماني’ ۽ ‘يوسف زليخا’ ڇپائيءَ جي ابتدائي دور ۾ ويڙهي مل کٽڻ مل تاجر ڪتب، ليٿو پريس لاڙڪاڻي مان شايع ڪرايا. شعر ۾ تخلص ‘غلام’ ڪندو هو. سندس ڪلام جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
ٻيو ڪو شال نا سمجهي،سڄڻ جو شان شاهاڻو،
نينهن لاتو تني ڄاتو، گهمايو عشق جن گهاڻو،
اچن اوٿر تهين اعليٰ، بلندي بي بيان بالا،
ڪري سو تخت سو تالان، ڀلائي جنهن ڪيا ڀاڻو،
مچي ويو درد دل اندر،جڏهن جو سور ساماڻو،
ٻري ويا جگر جيءَ جيرا، ڪوريءَ جو خيال سڀ کاڻو.


لفظ خليفو غلام اللهھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو